تاج ٽکڙائي

تاج ٽکڙائي

تاج ٽکڙائي

تاج ٽکڙائي: مشھور شاعر تاج ٽکڙائيءَ جو پورو نالو محمد دائود ميمڻ ولد محمد خان ’غني‘ آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ ٽکڙ (وسي ملوڪ شاهه)، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندس والد، ڏاڏو قاضي محمد دائود ’مؤمن‘ ۽ پڙ ڏاڏو حافظ حاجي حامد ٽکڙائي به شاعر هئا. 1961ع ۾ اديب سنڌي ۽ 1975ع ۾ بي اي جا امتحان پاس ڪيا. 1957ع ۾ ڪجهه عرصو سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واري بڪ اسٽال تي ڪم ڪيو، ساڳئي سال ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ڪلرڪ ٿيو، جتان ٽن سالن کانپوءِ استعيفيٰ ڏني. ان کانپوءِ بئراج کاتي ۾ 33 سالن تائين ملازمت ڪرڻ بعد رٽائرڊ ٿيو. گهر جي علمي ادبي ماحول سبب هن 14 سالن جي ڄمار ۾ پھريون شعر لکيو. ابتدا ۾’دائود‘ تخلص ڪم آڻيندو هو، پر پوءِ والد جي انتخاب سان ’تاج‘ تخلص اختيار ڪيو. کيس علم عروض جي گهڻي ڄاڻ هئي. هن شاعريءَ ۾ 50 کان مٿي شاگردن جي اصلاح ڪئي، جن مان گل ٽکڙائي ۽ انعام ٽکڙائي جديد شاعريءَ ۾ مشھور ٿيا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’زندگي آهي سفر‘ (2001ع) ۽ ’طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو‘ (2004ع) ڇپيل آهن. ’بزم ادب‘ ٽکڙ ۽ ’محمد خان غني ادبي تنظيم‘ جي سربراهه جي حيثيت ۾ هن ٻنھي تنظيمن پاران ڪيترائي ادبي پروگرام پڻ ڪرايا. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت ۽ عوامي ادبي فورم، ٽنڊي محمد خان سان به سلهاڙيل رهيو. هن ٽالپر ڪالوني، ٽنڊي محمد خان ۾ ”محمد هاشم مخلص“ لائبريري قائم ڪئي ۽ اتي پنھنجي پڙ ڏاڏي حافظ حاجي حامد جي ياد ۾ هال جوڙيو، جتي سڄي حياتي ادبي پروگرام ڪرائيندو رهيو. ان کانسواءِ غريب شاگردن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ لاءِ سھڪار ڪندو رهيو. هن پنھنجي والد محمد خان ’غني‘ ۽ پڙ ڏاڏي حافظ حامد ٽکڙائيءَ جو مڪمل ڪلام پڻ ترتيب ڏنو. 24 آگسٽ 2022ع تي وفات ڪئي.


لفظ تاج ٽکڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو